ڊکڻ 5

ڊکڻ 5 (شهر): هيءُ سنڌ جو قديم شهر آهي، جيڪو ضلعي شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين جو يوسي هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شهر 22O49`00`` ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68O24`00`` ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجو د آهي. تاريخي ماڳ بوهي قبا ۽ ٿرڙيءَ جو دڙو پڻ هن شهر ۾ آهن. هيءُ شهر هڪ نامور زميندار عبدالرحيم خان ڊکڻ ڪلهوڙا دور ۾ 1789ع ڌاري سرڪار کان ڏهن هزارن ۾ خريد ڪري پنهنجي نالي پويان آباد ڪيو. عام روايتن موجب هن شهر جو بنياد اڃا اڳ جو آهي، ڇاڪاڻ ته ڊکڻ شهر جي ڪجهه مفاصلي تي موجود هڪ تاريخي ماڳ بوهيءَ جا قبا ٿهيمن جي سردارن مٿان 1781ع ۾ سندن گھر وارن ٺهرايا هئا، جيڪي ٽي قبا هڪ صاحب خان ٿهيم جو ٻيو دلاور خان ٿهيم جو ۽ ٽيون جلال خان ٿهيم جو مقبرو آهي، جڏهن ته چوٿون ننڍو مقبرو جعفر شاهه جو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هن شهر تي ڪلهوڙن جي حڪومتي دور ۾ به تاريخي حيثيت حاصل هئي. هيءُ شهر واڍڪي ڌنڌي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هو. هن شهر جو ذڪر ڪندي نامور محقق ’پير علي محمد راشدي‘ پنهنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ڳڙهي ياسين تعلقي جا ڊکڻ، ذات جا ڊکڻ هئا، پر ڏات وگھي نه پاڻ کي، پر ڊکڻ اکر کي به باعث عزت بڻائي ڇڏيائون. رتيديري کان ڳڙهي ياسين ويندي رستي تي ٻه شهر اچن ٿا. بڊو ۽ عبدالرحيم ڊکڻ جو ڳوٺ. اهي ٻئي ڳوٺ مردم خيز ثابت ٿيا.“
هن شهر ۾ جنڊيءَ جو ڪم، گھرن جو فرنيچر، دروازا، دريون، اڪر وغيره جو ڪم ٿيندو هو، جيڪو ڏيهان ڏيهه مشهور هو. هتان جا ڊکڻ پنهنجي مهارت ۾ ايترو ته مشهور ٿيا، جو ڏيهان ڏيهه سندن ناموسي ۽ ناماچاري هلندي هئي ۽ گھر ۾ ڪتب ايندڙ در، دريون ۽ ٻيو سامان هن شهر مان گھرايو ويندو هو. هيءُ شهر هاڻ پنهنجو ماضيءَ وارو اهو اوج وڃائي ويٺو آهي. هن وقت هن شهر ۾ ڊکاڻڪو ڪم نالي ماتر وڃي بچيو آهي. هن شهر ۾ هاڻي واپار/ صنعت جو ذريعو ’سيلر‘ وغيره آهن. هن شهر جا چانور ايڪسپورٽ ٿي پنجاب توڙي ملڪ کان ٻاهر تائين وڃن ٿا. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي پنهنجي وقت جون نامور شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن ۾ وڏيرو عبدالرحيم خان ڊکڻ، محمد عثمان عيساڻي، غلام مصطفيٰ عيساڻي (ڊپٽي ڪليڪٽر)، غلام صديق خان (ڊپٽي ڪليڪٽر)، خانبهادر شاهنواز خان ڊکڻ، غلام قادر ڊکڻ، محمد پناهه ڊکڻ قابلِ ذڪر آهن، جن جو ذڪر نامور محقق پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ جي پهرين جلد ۾ پڻ ڪيو آهي.
ڊکڻ يوسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ بڊو علي خان، واصل، ٿرڙي، جوابپور چانڊيو، دڙو چانڊيو، ايوب خان چانڊيو، تنيا ڳوٺ، کٽي ڳوٺ، خان ڪلهوڙو، هوتاڻي، لاشارين جو ڳوٺ. ڇتو منگي، لونگاڻي، پير چنڊام، ابن اوڍو، ڌاريجا ڳوٺ، وڳڻ ڳوٺ وغيره قابلِ ذڪر آهن. هن شهر جي حد ۾ ٿرڙي جو دڙو، بوهيءَ جا قبا، شهيد پير چنڊام جو مقبرو، حاجن شاهه جو مقبرو، ملوڪ شاهه پير قابلِ ذڪر آهن. ڊکڻ شهر جي نامور شخصيتن ۾ نامور محقق دين محمد وفائي، جيد عالم مولوي عبدالله چانڊيو، سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو، مولوي عبدالحميد چانديو، سبحان شاهه، نادر خان ڊکڻ، اشرف پير چنڊامي، امتياز علي سولنگي، مشتاق بخاري رتل فقير، خالد چانڊيو، نامور صوفي راڳي امام الدين ڊکڻ، لياقت معرفاڻي قابلِ ذڪر آهن. هن شهر جي سرگرم تنظيمن ۾ سنڌي ادبي سنگت، بزم نثار، بزمِ سنگت، شهري اتحاد، سچوا، گسٽا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سياسي توڙي مذهبي تنظيمون قابلِ ذڪر آهن. ڊکڻ شهر مان ’هٻڪار‘ ۽ ’نئون چنڊ‘ نالي ٻه رسالا ڪيترو وقت جاري رهيا، جن جو ايڊيٽر مشتاق بخاري هو. ان کانسواءِ ’زخمي پبليڪيشن‘ ڊکڻ ۽ ’آجيان پبليڪيشن‘ ڊکڻ قابلِ ذڪر آهن. هن شهر ۾ ڊکڻ، سومرا، سولنگي، سيد، ابڙا، ميمڻ، لاشاري، ڏاهاڻي، چانڊيا، کٽي، ڪنڀر، منگي ۽ ٻين ذاتين جا قبيلا رهن ٿا. هيءُ شهر هاڻ قبيلائي نظام جي ڪري پنهنجو اوج وڃائي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو